عـزيـزالله مجروح

عـزيـزالله ’مجروح‘: شاعر عزيزالله ‘مجروح’ 1928ع ڌاري ڳوٺ جادي ڪلهوڙي، تعلقي ڳڙهي ياسين، ضلعي شڪارپور ۾ جنم ورتو. سنڌيءَ سان گڏ عربي ۽ فارسيءَ جي تعليم پڻ حاصل ڪيائين. 1942ع ڌاري چوڏهن سالن جي ننڍيءَ عمر ۾ پنهنجي استاد مفتي محمد ابراهيم کان اصلاح وٺي، شاعريءَ جي شروعات ڪيائين. کيس شاعريءَ سان گهڻو لڳاءُ هوندو هو، جنهن سبب پنهنجي وقت جي ڪيترن ئي استاد شاعرن جي شاعريءَ جو مطالعو پڻ ڪيائين.
عزيـز الله مجروح جي شاعريءَ جا ٽي مجموعا ‘نالهائي دل’، ‘داستان مجروح’ ۽ ‘افڪار مجروح’ ڇپيل آهن.
کيس 8 آگسٽ 1962ع تي ڳوٺ منڌو ڪلهوڙي ۾ ڪنهن تڪرار سبب قتل ڪيو ويو.


هن صفحي کي شيئر ڪريو